اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته ??فاف چون??ن لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر آه??، چونڊن ۾ شفافيت حڪومت جي اولين ترجيح آه??، ان ڳالهه تي ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جو اتفاق آه?? ته چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن جن تي سڀني کي اعتماد ۾ هجي، صاف ۽ شفاف چون??ن لاءِ قدمن جي حوالي سان بامقصد نتيجي تي پهچڻ وڌيڪ اهم آه??، پا??لي??ماني جمهوريت ۾ سدائين ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ??ڪومت 16 آڪٽوبر 2020ع تي ريفارمز پيڪيج جو بل پيش ڪيو پر پا??لي??ماني ڪميٽي ۾ ڪنهن مخالف ڌر پارٽي ڪا دلچسپي نه ورتي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي ڳالهه اچي ٿي ته ??ن تي به مخالف ڌر پارٽيون مشين کي ڏسڻ کانسواءِ ئي رد ڪري ڇڏينديون آه??، ان کانپوءِ سينيٽ ۾ معاملو وڃي ٿو ته ??حث ۽ مباحثي جي نظر ڪيو ويو ۽ بل منظور ڪرڻ جو وقت گذري ويو، هاڻي ان معاملي جي حل لاءِ هڪ ٻي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هاڻي اهو معاملو پا??لي??مينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ کنيو ويندو ته ??يئن ڳالهين جي ذريعي سڀني ڌرين جي وچ ۾ اعتماد جي فضا پيدا ٿي سگهي، هن چيو ته ??ڪومت هر ڀيري مخالف ڌر کي دعوت ڏني ته هو چونڊ سڌارن جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏي، وزيراعظم عم??ان خان پا??لي??مينٽ ۾ بيهي چيو ته مخالف ڌر پارٽيون پنهنجون تجويزون پيش ڪري اسان ان کي ڀليڪار چونداسين، مخالف ڌر پارٽين کي گهرجي ته هو چونڊ نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ شفافيت آڻڻ جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏي، هن چيو ته ??ار بار ڌانڌلي جو شور ڪرڻ سان صرف وقت ضايع ٿيندو، گذريل چونڊن دو??ان تقريبن 15 لک ووٽ رد ٿيا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان هڪ ووٽ به رد نه ٿيندو، ان کانسواءِ ووٽ وجهڻ جو پيپر ٽريل به موجود هوندو جنهن کي بعد ۾ چيڪ ڪري سگهجي ٿو، اليڪشن ايڪٽ 2017ع به اي وي ايم جي استعمالو جي اجازت ڏي ٿو، دنيا جي 20 ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جو استعمال ڪيو پيو وڃي.