اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قطر جو هڪ ڏينهن دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو آهي، دوري دوران ٻه طرفي تعاون کي مستحڪم بڻائ?? تي ڌيان ڏيندي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس موجب دوري دوران وزيراعظم عمران خان امير قطر شيخ تميم بن حمد ال??اني سان ديواني امير جي ملاقات ڪ??ي. ان جو اهو دورو باقاعدگي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي درون جي مٽاسٽا جو حصو آهي.