اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي اسپين جي پرڏيهي وزير ارنچا ??ون??يلز لايا کي ٽيليفون ??يو ۽ ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ڪورونا سبب اسپين ۾ ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. هن وبا تي ضابطي لاءِ اسپين جي حڪومت طرفان کنيل بروقت قدمن ۽ ان چئلينج کي عزم ۽ همت سان منهن ڏيڻ تي اسپين جي هيلٿ ورڪرز جي قربانين جي واکاڻ ڪندي چيو ته اس??ن کي اهو ڏسي تم??م خوشي ٿي آهي ته اسپين ۾ ره??دڙ هڪ لک جي لڳ ڀڳ پاڪستاني هن مشڪل گهڙي ۾ اسپين جي عوام سان گڏ بيٺل آهن.