اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي اثرن جي ڏس ۾ معاشي پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مزدور طب??ي جي لاءِ 200 ??رب رپيا، معاشري جي انتهائي غريب طب??ي جي لاءِ 150 ??رب رپيا، برآمد ڪندڙن کي فوري 100 ??رب رپيا ريفنڊ ڪرڻ، ننڍين، وڏين صنعتن ۽ زراعت جي لاءِ 100 ??رب رپيا، يوٽيلٽي اسٽورز جي لاءِ 50 ??رب رپيا، لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 100 ??رب رپيا ۽ ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري جي لاءِ 280 ??رب رپيا رکيا ويا آهن، هر خاندان کي چار مهينا ماهوار 3 هزار رپيا امداد ڏني ويندي، 300 يون?? تائين بجلي ۽ گئس جا بل ٽن مهينن جي قسطن ۾ ورتا ويندا، پيٽروليم مصنوعات تي ٽيڪس 15 رپيا گهٽ ڪري رهيا آهيون، دالين سميت ضرورت جي شين تي ٽيڪسن جي شرح گهٽ ڪري رهيا آهيون، ت??مي??اتي صنعت جي لاءِ خاص مراعاتي پئڪيج تيار ڪري رهيا آهيون، ميڊيا ورڪرز جي لاءِ به خاص پ??ڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.