اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان پوسٽ پينشن فنڊ ق??ئم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو وزيراعظم جي صدارت ۾ پاڪستان پوسٽ م??از??ن جي پينشن جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان پوسٽ جي بجيٽ خرچن جو ??ٽڪل 34 سيڪڙو حصو پينشن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ترتيبوار اضافو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم جي هدايت تي ملائيشيا جي پينشن ماڊل کي نظر ۾ رکندي پاڪستان پوسٽ پينشن فنڊ ق??ئم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي، پاڪستان پينشن فنڊ ق??ئم ڪرڻ جو مقصد حڪومت تي پوندڙ پينشن جي بار ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ م??از??ن جي پينشن جي معاملن جو ??هتر انتظام يقيني بڻائڻ آهي.