اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ وفاقي حڪومت خصوصي قدم کڻي رهي آهي، ڪ?? اليڪٽرڪ کي 200 ميگاواٽ اضافي بجلي جي پيداوار لاءِ وڌيڪ 30 ايم ايم سي ا??ف ڊي گئس ڏينداسين، نيپرا ۾ سنڌ جو نمائندو سنڌ حڪومت نامزد ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ان جي خلاف ٺوس ڪارروائي ڪري، نيپرا ۾ ڪي ا??يڪٽرڪ جي معاملي تي سڀاڻي ٻڌڻي آهي، ڪراچي ۾ غفلت سان پاڻي بيهڻ سان حادثن جي ذميدارن جي خلاف سنڌ حڪومت ڪارروائي ڪري. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ آغا رفيع الله ۽ ٻين ميمبرن جي ڌيان ڇڪاي?? نوٽيس تي چئي، عمر ايوب چيو ته نيپ??ا ڪابينا ڊويزن تحت اچي ٿي، ڪ?? اليڪٽرڪ جو مسئلو سالن کان آ??ي، موجوده حڪومت ڪراچي کي بجلي جي سپلائي جي معاملي تي ڪم ڪري رهي آهي، هن وقت تائين ڪراچي کي 30 هزار ميٽرڪ ٽن ٻارڻ ۽ 100 ايم ايم سي ا??ف ڊي گئس ڪراچي جي عوام جي ڏکيائي ختم ڪرڻ لاءِ ڏئي رهيا آهيون، ڪ?? اليڪٽرڪ جو سسٽم اهڙو ناهي جو نيشنل گرڊ کان وڌيڪ بجلي حاصل ڪري سگهي، ڪراچي ا??سٽ ۽ ويسٽ ۾ ٻه گرڊ اسٽيشن ٺاهيا پيا وڃن.