اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ا??لين ترجيح آهي ته سبسڊيز جي نظام کي منظم ۽ موثر بڻايو وڃي ته جيئن سرڪاري خزاني مان ڏنل امداد نه رڳو مستح??ن تائين پهچي پر ان مان گهربل نتيجا حاصل ٿين، نظام ۾ بهتري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ??ئي وڃي ته جيئن ان حوالي سان عوامي مفادن ۾ فيصلا ڪري ا??هن تي عملدرآمد ڪري سگهجي، هو هتي حڪومتي سبسڊيز جي نظام کي منظم ۽ موثر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حم??د اظهر، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار شهباز گل، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي وارو سيڪريٽري نويد ڪامران، اڳوڻو ناڻي وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، ناڻي واري اڳوڻي وزير شوڪت ترين، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي ا??انا، عارف حبيب ۽ ڊاڪٽر اعجاز نبي به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.