ڪوئيٽا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته اسان بلوچستان جي هر علائقي خاص طور تي ڏکڻ بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ل??ءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين، اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح پوئتي پيل طبقن جي ڀلائي ?? پوئتي پيل علائقن جي ترقي ۽ خوشحالي آهي. هو هتي بلوچستان جي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، دفاعي پيداو??ر واري وفاقي وزير زبيده ج??ال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان ملاقات ۾ شريڪ هئا.