اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ال??ادر يونيورسٽي ج?? تعمير جو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڄاڻايل يونيورسٽي ۾ نوجوان نسل کي سيرت ال??بي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي تعليم کان روشناس ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد تعليم جي پڻ منصوبابندي ڪئي وڃي ته جيئن شاگردن کي موجوده وقت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيرت ال??بي صه ۽ صوفين جي تعليم جي فروغ جي حو??لي سان تعمير ڪئي ويندڙ ال??ادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ج?? حو??لي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، بئريسٽر علي ظفر، برگيڊيئر (ر) جميل سرور ملڪ ۽ ٻيا شريڪ هئا. وزيراعظم کي ال??ادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عمران خان اسلامي قدرن ۽ صوفين جي تعليم جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ??ه معاشري ج?? اصل روح ۽ معاشرتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته نوجوان نسل کي سيرت ال??بي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي تعليم کان روشناس ڪرايو وڃي.