اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊيجيٽل پاڪستان ويزن اصل ۾ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جو اهم سنگ ميل آهي، موجوده حڪومت نه رڳو عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي پر قرضن ۽ معاشي مسئلن ۾ ڦاٿل ملڪ کي استحڪام ڏيڻ جي لاءِ انقلابي قدم کڻي رهي آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب هن اها ڳالهه انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت تحت يونيورسل سروس فن?? پاران جاز ۽ يو فون کي ڏنل پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت سان خطا?? ڪندي چئي. معاهدي تي يو ايس ايف جي چيف ايگزيڪيوٽو ??في??ر حارث محمود چوڌري، يو فون جي سي اي او راشد خان ۽ جاز جي سربراهه عامر ابراهيم صحيحون ڪيون.