اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) رب??ع جي مند 21 -2020ع ۾ ايگري ٽيڪ ۽ فاطمه فرٽيلائيزر کي نومبر 2020ع تائين آر ايل اين جي جي فراهمي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اي سي سي دفاع واري وزارت لاءِ جاري مالي سال ?? 17 ارب روپين جي ماليت جي ٻن ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو، اجلاس ۾ دفاع واري وزارت لاءِ جاري مالي سال ?? 17 ارب روپين جي ماليت جي ٻن ٽيڪينڪي ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي.