اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪاب??نا فرانسيسي صدر پاران مسلمانن جا جذبا مجروح ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ خاتم النبين حضور صه جي شان اقدس جي حوالي سان گستاخانا خاڪن ۽ ان سان مسلمانن جي جذبن کي پهچندڙ ٺيس جو سخت نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ڪنهن به مسلم??ن جي لاءِ نبي ڪريم صه جي شان اقدس ۾ گستاخي ناقابل برداشت ۽ ناقابل قبول آهي. ڪاب??نا ان ڳالهه کي ورجايو ته گستاخانا خاڪن جي حوالي سان هر ميسر فورم کي ??ستعمال ڪندي مسلمانن جي جذبن جي ترجماني ڀرپور انداز سان ڪئي ويندي. ان حوالي سان او آءِ سي جي پليٽ فارم کي ??ستعمال ڪندي عالمي دنيا تائين پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت جا خدشا پهچايا ويندا. وفاقي ڪاب??نا جو اجلاس وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ ٿيو.