اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 50 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 33 ماڻهو ان وائرس سبب ??وت ٿيا جنهن مان 30 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ??وت ٿيا. ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 29 هزار 378 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 596، پنجاب ۾ 12 هزار 32، خيبرپختونخوا ۾ 2 ??زار 831، اسلام آباد ۾ هڪ هزار 917، بلوچستان ۾ 356 ، گلگت ??لت??تان ۾ 302، آزاد ڪش??ير ۾ 344 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 24 هزار 834 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪش??ير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 859 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 218 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 61 هزار 82 آهي.